اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ شعور ۽ آگاهي جي کوٽ آهي، بجيٽ جي حوالي سان مخالف ڌر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ?? ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزولوشن تحت ايندڙ نظام ۽ ليگل ريفارمز ڪميٽي پاران ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ شروع ڪيل مختلف پر??جيڪٽس تي اعتراض آهي. هن ??يو ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ڪٽوتي جي رٿن جو قانون واري کاتي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جيڪڏهن هي تياري ڪري اچن ها ۽ قانون واري ڊويزن جي بجيٽ پڙهي وٺن ها ته انهن ??ي خبر هجي ها ته آلٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزولوشن، ادارجاتي سڌارن ۽ ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ ڪيتري رقم رکي وئي آهي. هن ??يو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن تحت معاملن کي مخالف ڌر هتي اٿاريو، مخالف ڌر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ضرور ڪري پر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ها. هن ??يو ته مخالف ڌر قابل عمل تجويزون پيش ڪري، انهن جي تجويزن تي غور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر ۾ آگاهي ۽ شعور جي کوٽ آهي، ڊيمانڊ نمبر 66 تي ڪٽوتي جي رٿن جي مخالفت ڪريون ٿا.