اسلام آباد– 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي پنهنجي دوري کي ان??ها??ي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو، ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوان ٿو. چين جي دوري تان 2 ڏينهن اڳ واپسي ٿي آهي. توهان سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان چين جو دورو ان??ها??ي مثبت ۽ ڪامياب رهيو. هن چيو ته چين جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا. هن چيو ته ان د??ري جي نتيجي ۾ چين جو اعليٰ سطحي وف?? جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وف??قي وزيرن ۽ مم??ڪت?? وزير سميت سمورن ڪابينا ميمبرن جي گڏيل ڪوششن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ چين سان ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو. ان حوالي سان چيني قيادت سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا.