بشڪيڪ – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ورڪنگ وزٽ تي ??رغزست??ن جي شهر بشڪيڪ پهچي ويو. شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موقعي تي آستانه قزاخستان ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ کيس ڪرغزست??ن جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلوبايف ڪرغز جمهوريه جي دوري جي دعوت ڏني هئي. ٻنهي وزيرن آستانه کان بشڪيڪ تائين گڏ سفر ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب بشڪيڪ ۾ نائب وزيراعظم ڪرغزست??ن جي پرڏيهي وزير سان ڪرغز جمهوريه ?? پاڪستاني شهرين جي خدشن بشمول پاڪستاني شاگردن کي درپيش تازن مسئلن تي ??الهه ٻولهه ڪندو. نائب وزيراعظم جي پاڪستاني شهرين سان پڻ ملاقات متوقع آهي جيڪي تازن واقعن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيڻ جي ڪري علاج هيٺ آهن.