اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، رانديگرن کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ هارائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ۾ ماضي جا هيروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن و??ير??عظم هائوس ۾ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ قومي هاڪيءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان پاڪستان جي نالي کي هاڪيءَ جي ميدان ۾ بلند ڪرڻ جي لاءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکار?? آهي ان کي ساراهڻ جي لاءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان قومي هاڪيءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آهن. و??ير??عظم چيو ته سڀني کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ??ئي ره?? آهي ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي هاڪيءَ ٽيم هارائي نه آهي پر کٽ?? آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ هاڪيءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ياد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري دنيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسواءِ اها ڳالهه ڪري سگهان ٿو ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آهن. و??ير??عظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته هاڪيءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا هيروز توهان ۾ ڏسڻ ۾ اچن. هاڪيءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. و??ير??عظم چيو ته هارائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سان توهان مقابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي مبارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي. هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سان گڏج?? قدم کنيا ويندا. و??ير??عظم چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي لاءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ملڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪيو. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگرن کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو. هاڻي ان کي يقيني بڻايو ويندو ته اسان جي ناليواري رانديگرن کي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي راند جي ميدان ۾ پوري طرح پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن ۽ انهن کي وسيلن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي. و??ير??عظم بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان پاليسي کي جاري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي شرڪت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿ?? آهي. و??ير??عظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئ?? آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي لاءِ ميڊلز ک??ي ايندا. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ هارس سميع الله چيو ته قومي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري اسان کي هن تقريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ۾ هاڪيءَ کي هٿي ملي. هاڪيءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان ثابت ڪن ته اهي پاڪستان جي لاءِ کٽي ميڊلز آڻيندا رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چيو ته هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن تمام گهڻي محنت ڪئ?? آهي. و??ير??عظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سان محبت ڪري ٿو. و??ير??عظم ان شيءَ کي محسوس ڪيو ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هاڪيءَ اسان جي قومي راند آهي. ان موقعي تي و??ير??عظم پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.