ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن ??المي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرار?? جي دور کان بچاءُ“ جي م??ضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن ??جلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاق??ت ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ ??صيدار?? جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.