اسلا?? آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پر??يهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪست??ن جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلا?? آباد ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت معاون پر??يهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب ان??قا?? کي ساراهي?? جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.