اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم نيون ذميواريون ملڻ تي خليل هاشمي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چين جي لاءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل هاشمي پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيرا??ظم کان رهنمائي و??تي. نگران وزيرا??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته خليل هاشمي چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو.