اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئ?? آهي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئ?? ويندڙ ويزا سهولتن جي جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ نگران وزيراعظم کي ??ڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ياترين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئ?? ويندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ت?? پنهنجي مذهب جي مقدس جاين جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي د??يا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئ?? ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئ?? وڃي. هن چيو ته سک ياترين کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اج??اس کي گهرو وزارت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياترين کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??.