اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) سي?? ارشد حسين شاهه جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ايندڙ چونڊن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ صحافين جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي جسٽس (ر) سي?? ارشد حسين شاهه کي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چونڊ عمل کي صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ??مڪن تعاون ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو ??ظه??ر ڪيو. چونڊن دوران ميڊيا کي هر ??مڪن سهولتون فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت ??ظه??ر راءِ جي آز??دي تي پڪو يقين رکي ٿي، اسان آئين تحت پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، سمورين سي??سي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، خيبرپختونخواهه جي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.