تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (??ي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي ??اءِ ??ي سي او جي ??يزن جي ??اءِ پاڪستان جي ??سلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي ??چ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي ??روغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ??اءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته ??ي سي او جي ??نگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ??اءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي ??اڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا جي اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.