نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي چيف ??يگ??يڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽ??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽ??ئي ۽ معدنيات ۾ عالمي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي حوصلا افز??ئي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽ??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ ملڪ جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليات جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌات?? جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سيڙپڪاري جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم تي زور ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻ??ئي ٿي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽ??ئي جي شعبي جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ٽنٽو جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام ??ي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ريو ٽنٽو گروپ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽ??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.