اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي ??ڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ??اڪ??تان تيونس سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صدر چيو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن ??ي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي ??اڪ??تان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صدر چيو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي ??ضبوط بڻ??ئڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.