جڪارتا – 12 – جولاءِ (اي پي پي) آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل مائيڪل ٽيني انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارت?? ۾ 56 هين آسيان پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان سان مل??قات ڪئي. آسيان پاران جاري بيان موجب مل??قات ۾ آسيان – پاڪستان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته آسيان سيڪريٽريٽ ۾ هن سال 18 سيپٽمبر تي ستون آسيان – پاڪستان جوائنٽ سيڪٽرل ڪوآپريشن ڪميٽي ??و اجلاس منعقد ڪرڻ جا منتظر آهيون.