اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پ??ڏي??ي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪ??دو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي آر ايف جي 27 ميم??ر ملڪن جا پ??ڏي??ي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽر?? جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وزارتي اجلاس ۾ پ??ڏي??ي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺ??دو. جڪارتا ۾ پ??ڏي??ي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف ج?? ميم??ر ملڪن جي هم منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪ??دو. هو ان موقعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??دو. بيان موجب اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ملڪن جي وچ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان وٺي پاڪستان فورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ هو باقاعدگي سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.