اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غذائي تحفظ ۽ زر??عت بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي، زر??ي شعبو اسان جي اقتصادي ترقي جو سڀ کان وڏو م??رڪ بڻجي چڪو آهي، نار ملڪن مان زر??ي شعبي ۾ ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ 40 لک نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري مضبوط معيشت جي ترقي ۽ تعمير ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته زر??عت ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري قومي سيمينار ۾ مون ٻيو سبز انقلاب جي بنياد جي طور تي زر??عت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي اهميت تي ز??ر ڏنو آهي، اسان سڀ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ پرڪشش ويزن بابت ٻڌو آهي پر بنا محنت، همت جي بي فائدو رهيا آهن. هن چيو ته نار ملڪ ساليانو 40 ارب ڊالر جي غذائي شين ۽ زر??ي مصنوعات درآمد ڪن ٿا، حڪومت جو عزم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (اين ايس آءِ ايف سي) تحت نار ملڪن مان پاڪستان جي زر??ي شعبي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 لک نيون نوڪريون پيدا ڪ??ڻ کانسواءِ اٽڪل 40 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته ٻيو وڏو انقلاب پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ زر??ي شعبو کي وڏو م??رڪ بڻائڻ جو سبب بڻجندو جنهن سان غذائي تحفظ ايندو ۽ اسان جي قومي سلامتي کي سگهه ملندي. هن چيو ته زر??عت ۽ غذائي تحفظ بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي پر سڀني ڌرين پاران ملڪي اقتصادي بحالي جي لاءِ ڊگهي مدي طرف ڌيان طلب قومي ڪوشش جي شروعات آهي. هن چيو ته اسان اندروني وسيلن تي دارومدار ڪرڻ ۽ قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري مضبوط معيشت جي تعمير جا خواهشمند آهيون ۽ اسان سڀ ??ڏج?? پنهنجو اهو مقصد حاصل ڪنداسين.