اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي بجيٽ اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 جون ??ائين جاري رک??و ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلند?? بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪ??و ويو. اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ڪميٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 جون ??ائين عام بحث جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪ??و ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي و??رو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 جون ??ي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 جون ??ي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي و??ي آهي، جڏهن ته 24 جون ??ي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪ??و ويندو. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪ??و ويو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 جون ??ي به جاري رک??و ويندو. اجلاس ۾ وفاقي و??ير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون ??ازي و??ري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.