پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پا??ستان ۽ برازيل ٻطرفي تعا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتف??ق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لُولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? دفاع سميت ٻين معاملن ۾ برازيل جي تعا??ن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي برازيل ۽ پا??ستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پا??ستان ۽ برازيل جي وچ ۾ ٻطرفي تعا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي اتف??ق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتف??ق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پا??ستان زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. برازيل جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پا??ستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.