اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور ??ستاد، ڊراما نگار ۽ شاعر فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شعيب هاشمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور ??ي پ??وگرامن جو خالق هو. شعيب هاشمي جا پي ٽي وي پ??وگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀ??تي?? سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.