اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. و??ير??عظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ ل??ڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي بجلي جي پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪيو وي?? آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي وي??دي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا وي??دا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو وي?? ته ان منصوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو وي?? آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو وي?? ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي منظوري کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي و??ير??عظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، و??ير??عظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ ل??ڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.