اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ۽ سوڳوار خ??ندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سان ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ بابت ڄاڻي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هو ان سانح?? جي سوڳوار خ??ندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ??شن کي متاثر خ??ندانن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.