اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2023ع جي منظو??ي تي سڄي ملڪ جي وڪيل برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله جو شڪ?? آهي ته وڪيل برادري سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هڪ مهينو اڳ وڪيلن مون سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مون انهن سان اهو قانون جلد منظور ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، انهن جو تحفظ ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا ميمبر ساراهه لائق آهن جن هڪ نئين تاريخ لکي ??هي?? سڀني جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ وڪيلن جي پنهنجي حقن جي حوالي سان اُها اڳڀرائي نه ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. وڪيل برادري جي وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.