اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪي سگهجن ٿيون، اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ڏنو و??و آهي، بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وات جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته 20 مارچ تي ڏندن ۽ وات جي بيمارين کي روڪڻ تي ڌيان ??نو وڃي. حضور ﷺ وات ۽ ڏندن جي صفائي جو ڪثرت سان اهتمام ??ند?? هئا. اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ڏنو و??و آهي. صحيح بخاري ۾ اٽڪل 21 حديثن ۾ وات جي صفائي ۽ مسواڪ جو ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مسواڪ يا برش سان ??ندن کي چڱي طرح صاف ڪن، ان سان بيمارين کي روڪڻ سان ??ڏوگڏ صحت به بهتر رهندي. صدر چيو ته وات جي بيمارين جو علاج مشڪل ۽ مهانگو هوندو آهي. بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته سوپاري وات جي ڪينسر جو سبب آهي، ان لاءِ ماڻهو ان ??ان پرهيز ڪن.