اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪي??ٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن س??دس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفا??مي??ن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل س??دس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفا??مي??ن ڊپارٽمينٽ، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.