ابوظ??بي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظ??بي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظ??بي جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقا?? ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معام??ا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقا?? ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.