نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ??اڪ??تان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ان حملي ۾ دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي هدف بڻائي ??اڪ??تاني عوام جا حوصلا پست ڪرڻ هو، تنهن هوندي به اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي ??اڪ??تاني قوم کي پنهنجي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ متحرڪ ڪيو، ٽي ٽي پي ۽ ??اڪ??تان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، ??اڪ??تان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اٺين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تاني مشن طرفان منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزير 8 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ وحشياڻي دهشتگرد حملي جي متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ان حملي ۾ اسڪول جا 132 ٻار ۽ استاد ۽ عملي جا ميمبر شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ان حملي جي ذميواري نام نهاد تحريڪ طالبان ??اڪ??تان قبول ڪئي، جنهن کي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ??هي. پرڏيهي وزير چيو ته هي مناسب آهي ته اسان آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي جي آفيس جي پروگرام دهشتگردي جي متاثرين جي ياد جي هڪ حصي طور منعقد ڪريون. هن چيو ته هي دهشتگرداڻو حملو تمام گهڻو ڪڌو فعل هو ڇو ته دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي مارڻ هو، ان لاءِ اهو ٽارگيٽيڊ حملو هو، جنهن جو مقصد ??اڪ??تاني عوام جي حوصلن کي شديد جهٽڪو پهچائڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي ??اڪ??تاني قوم کي اسان جي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪيو. اسان جي سرحدن کي ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپن کان پا?? ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. ??اڪ??تان جو آپريشن ڪامياب رهيو ۽ اسان جي سرزمين دهشتگردن کان پا?? ڪئي وئي. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي، ان سان 80 هزار شهري ۽ فوجي ماريا ويا يا زخمي ٿيا ۽ معيشت کي 120 بلين ڊالر جو نقصان پهتو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي ٽي پي ۽ ٻين ڪجهه دهشتگرد گروهن کي سرحد پار کان محفوظ پناهگاهون مليون آهن، جتان ??اڪ??تان جي فوجي ۽ سويلين هدفن جي خلاف وقت بوقت ۽ ان کان به وڌيڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. ٽي ٽي پي جي وحشياڻي نوعيت ۽ ان جي اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين ڏوهن سميت وڏي پئماني تي ڦاهي ۽ سر قلم ڪرڻ کان به عالمي برادري جي ٽي ٽي پي، داعش جهڙن ٻين دهشتگرد تنظيمن سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم کي هٿي ملي. هن چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي منتشر ٿيڻ ۽ انضمام جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن ??اڪ??تان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ??هي. بلاول ڀٽو چيو ته ??اڪ??تان جي خلاف پنهنجي دهشتگرداڻي قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ هندستان دهشتگردي جا الزام هڻي ??اڪ??تان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي ٻن سالن جي ميمبرشپ دوران اها ڀارتي مهم تيز ٿي وئي هئي. ڀارت ڄاڻي واڻي ممبئي ڪيس کي کليو رکيو آهي ته جيئن ان واقعي کي پنهنجي مرضي سان پيش ڪري سگهجي. اسان گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ لاڳاپيل سي ٽي سي جي خصوصي ميٽنگ ۾ ٻيهر ان پروپئگنڊه جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ ڀارت ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ ۽ ??اڪ??تان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش به ڪئي ??هي. هن چيو ته جڏهن ??اڪ??تان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙن ماڻهن کي لسٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، ??ن تي ??اڪ??تان پهرين ئي پابندي لاڳو ڪري رکي ??هي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ هندستان ??اڪ??تان جي خلاف دهشتگرداڻي حملن ۾ ملوث هندستاني شهرين جي فهرست ?? شامل ٿيڻ جي چئن تجويزن کي روڪي ڇڏيو آهي، جهڙي طرح هن 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي پنهنجي چيئرمين شپ جو غلط استعمال ڪيو ??هي. اهڙي طرح هندستان اڄ دهشتگردي تي بحث جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت جو فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي اجازت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ??اڪ??تان دهشتگردي بابت هندستان جي ٻٽي پاليسي کي بي نقاب ڪيو ??هي. ڀارت ??اڪ??تان ۽ ٻين پا??يسرين خلاف دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح بي جي پي، آر ايس ايس جي غنڊن کي سڀني اقليتن خاص طور تي هندستان جي مسلمانن جي خلاف زعفراني دهشتگردي جي کليل ڇوٽ ڏنل ??هي. هن چيو ته ??اڪ??تان ڀارت کي ان جي دهشتگرداڻي قدمن جي لاءِ جوابدار ڄاڻائڻ جي پنهنجي ڪوشش جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽيليجنس ايجنسين وٽ پا??يسري ملڪن جي ايجنٽن ۽ ڪابل ۾ اڳوڻي حڪومت جي عنصرن طرفان ٽي ٽي پي کي مالي ۽ تنظيمي مدد ۽ هدايتون فراهم ڪرڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اسان سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل سان هڪ جامع ڊوزيئر شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي ۽ ??اڪ??تان جي خلاف ٿيندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اها ??اڪ??تان جي اميد آهي ته ڪابل ۾ نوان عملدار ٽي ٽي پي کي ??اڪ??تان جي خلاف سرحد پار دهشتگرداڻي حملن کان روڪي سگهندا. جهڙو هنن دوحه معاهدي ۽ ان کانپوءِ جي پاليسي اعلانن ۾ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن هوندي به ان مقصد طرف ڪوششون ناڪام نظر اچن پيون، ائين لڳي پيو ته ٽي ٽي پي ۾ ??اڪ??تان جي خلاف اعلان جنگ ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي ۽ هن جا حملا تيز ٿي ويا اهن. هن چيو ته ??اڪ??تان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.