اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظ?? کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قو??ون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اج??اس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ن??شن?? ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ايڊ??شن?? سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.