اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گڏي?? قومن جي انفارميشن سينٽر ۾ (اڄ) سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظرثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبي 2022ع جي جاري ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني ويندي جنهن جو انتظام يو اين پاڪستان ڪيو آهي. بريفنگ ۾ سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس پلان 2022ع بابت تفصيلي آگاهي ڏني ويندي. گڏي?? قومون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي ?? انهن جي بهالي لاءِ نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبو جنيوا ۾ جاري ??ري رهيون آهن. بريفنگ ۾ نظرثاني ٿيل اپيل تي توجهه ڏني ويندي جنهن جي شروعات جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. گڏي?? قومن جي پاڪستان ۾ وقتي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر ۽ خوراڪ جي عالمي اداري جو نمائندو ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪرس ڪائي، گڏي?? قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو فيلڪس او??ونو ۽ ٻيا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.