اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ت??اه?? جي نتيجي ۾ 1000 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ کانپوءِ بحال?? جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن، خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه طرفان بحال?? جي عمل ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 23655 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 1531 پاڻي جون بوتلون ۽ 3909 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا، مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪي??پن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 236 مريضن جو طبي معائنو پڻ ڪيو.