اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀ??ئر ملڪ ترڪيه جا چار جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پاران موڪليل امدادي ساما?? جي کيپ صدر رجب طيب اردوا?? جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏام?? جي آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدار?? جي حوالي ڪيون. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي.