??سل??م آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ??يڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي ??خت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هب??ز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي ??هادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي ??لد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي ??فاظت ڪندي پنهنجي ??هيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.