اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي ??ڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسيان جي ميمبر ملڪن کي آسيان جي 55 هين ڏهاڙي تي م??ارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي م??اهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسيان جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي ??هڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل ??هن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪستان جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.