اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??ير??عظم اڄ اڱاري ڏ??نهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته و??ير??عظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، ش??ري?? کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته و??ير??عظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏ?? وٺ ڪندو. و??ير??عظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته و??ير??عظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. و??ير??عظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.