اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روا??گي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدا??ت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روا??گي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو في??لو ڪيو آهي ۽ هدا??ت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدا??ت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز من??فعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدا??ت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.