اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي ا??يمبل?? جي تحليل کانپوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ اميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته تحريڪ انصاف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چ??و ته بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سان اقتدار ۾ واپس اينداسين.