اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا ??حث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پا??ستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پا??ستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جاري آهي، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي ??ال??ن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جيڪي پا??ستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ ج?? ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري آهي.