اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مارڪيٽ ضرورتن موجب خص??صي ماڻهن جي هنر تائين پهچ وڌائڻ لاءِ بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي ش??با خصوصي ماڻهن لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائين، خص??صي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ سان مالي شموليت وڌي??دي ۽ کين قومي ڌارا ۾ شا??ل ڪري سگهبو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ خص??صي ماڻهن جي پيشيوراڻي تربيت بابت اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. خص??صي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائن جي ضرورت تي زور ڏي??دي صدر چيو ته سرڪاري کاتن، نجي شعبي ۽ غير سرڪاري تنظيمن کي انهن ماڻهن جي مخصوص مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن نيوٽيڪ کي چيو ته هو هنر کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي پروگرامن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهن ۽ خاص طور ت?? خصوصي ماڻهن کي انهن مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. صدر تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته هو مارڪيٽ جي ضرورتن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ بهترين شهريت رکندڙ قومي ۽ عالمي ادارن سان رابطا قائم ڪن. نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن اجلاس کي پنهنجي اداري پاران خص??صي ماڻهن جي مهارت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته نيوٽيڪ خص??صي ماڻهن ج?? خصوصي تربيت جو اهتمام ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ 318 خص??صي ماڻهن کي پيشيوراڻي تربيت ڏئي وئي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سندن ادارو خص??صي ماڻهن کي هنر ۽ روزگار ۾ سهولت ڏيڻ کانسواءِ انهن جي سکڻ جي وسيلن تائين پهچ کي وڌائن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صدر ملڪ جي نوجوانن ۽ خص??صي ماڻهن کي هنرم??دي جي فروع ۾ نيوٽيڪ جي ڪوششن کي سارهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.