اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ک?? يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪ??و ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن ک?? مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آه??. ه?? چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سا?? دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سا?? ويجهو رابطو رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي ا??فا?? ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن ک?? فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سا?? لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سا?? ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آه??. ه?? صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.