اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر سردار اڪبر ڊوگر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت س??ورن عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر چونڊجڻ تي سردار اڪبر ڊوگر کي تمام گهڻي مبارڪاباد هجي. نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري سميت س??وري ٻي نئين چونڊيل باڊي کي پڻ مبارڪباد هجي. هن چيو ته اميد آهي توهان جو دور وڪيلن ۽ بئنچ جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو دور هوندو ۽ وڪيلن جي بهتري توهان جي لاءِ ??ق??م رهندي.