اسلام آباد – 11 فيبر??ري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانس??ان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي آمريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪيُون. پر??يهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪس??ان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پر??يهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول جي انعقاد سان پاڪس??ان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ??يج??و اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ترجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پر??يهي وزير چيو ته پاڪس??ان چاهي ٿو ته افغانس??ان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانس??ان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي آمريڪا سان پنهنجا بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هندس??ان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان هندس??ان سرڪار جي هندوتوا سوچ پ??ري خطي جي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندس??ان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.