اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين ??ال?? خددار ڇوڪري ??نڊ??گردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪ??ول?? هندستان کي چٿي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختيار?? واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي اها تصويري نمائش ان سنگين ظلمن جو نقشو پيش ڪري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ انهن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هندستان ڊس انفارميشن پکيڙي س??هي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي داخل ٿيڻ کان روڪي س??هي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ کان نٿو روڪي س??هي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ هٿين ??ال?? خوددار ڇوڪري ??نڊ??گردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇوڪري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريشي چيو ته اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪ??ول?? هندستان کي چِٿي ڇڏيو، هندوتوا پاليسي ڪنهن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ مدي کان انهن کي منهن ڏيندا پيا اچن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سيڪ??ول?? سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هندوتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ توهان هندستان جي اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي س??هو ٿا. هن چيو ته هندستان ۾ هڪ وڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا جي اندر م??ال?? ڌر ان نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ان هندوتوا سرڪار سيڪ??ول?? ۽ دنيا جي س?? کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته هندستان جي اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ نئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته اڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ڪري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي کان تمام گهڻو پري وڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ان جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اقتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختيار?? واري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪشميرين جي خودمختيار?? واري حق جي ان جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين.