دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئ??يما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئ??يما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئ??يما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. ه?? چيو ته هن وقت سئ??يما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسي?? چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. ه?? چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. ه?? چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او س?? جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. ه?? چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي پيش ڪيون ويندڙ پاڪستاني فلمون عالمي ڏسندڙن جي لاءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پنهنجي سئ??يما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات ??اري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.