اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان اي ڪورٽ سان عدالتي ڪارروائي هلا??ڻ جي قدمن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته آهي ته اي ڪورٽ جي ذريعي ڪارروائي ۾ معزز عدالت جي قيمتي وقت ۽ پئسي ٻنهي جي بچت ٿيندي آهي، شوڪت خانم ٽرسٽ دنيا ۾ منفرد ۽ واحد م??ت ڪينسر جي علاج جي اسپتال هلائي رهي آهي، اهڙي فلاحي منصوبي کي بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ??زي??اعظم چيو ته عدالت جي اي ڪورٽ سان ڪارروائي ڪورٽ ڪيسن جي وقت ۾ اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، اي ڪورٽ جي تعارف ۽ ڪارروائي ڪامياب طريقي سان عمل ۾ اچڻ تي عدليه ۽ حڪومت ادارا تحسين جا مستحق آهن، شوڪت خانم ٽرسٽ تي ماڻهن جو اعتماد قائم آهي، ??زي??اعظم چيو ته شوڪت خانم ٽرسٽ دنيا ۾ منفرد ۽ واحد م??ت ڪينسر جي علاج جي اسپتال هلائي رهي آهي، اهڙا فلاحي منصوبا بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي، عدالت مان اميد آهي ته هو اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏئي آئنده لاءِ ان روايت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. ??زي??اعظم پاران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج محمد عدنان جي عدالت ۾ دفاع واري اڳوڻي ??زي?? خواجه آصف جي ??زي??اعظم عمران خان تي شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي فنڊ ۾ غير شفافيت، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي ڪمپنين جي استعمال جهڙا بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي خلاف داخل 10 ارب روپين جي هرجاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پهرين آگسٽ 2012ع تي خواجه آصف پهرين پنجاب هائوس ۾ منعقد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهي الزام لڳايا ۽ بعد ۾ انهي ڏينهن شام جو نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ انهن من گهڙت الزام کي ورجايو. ??زي??اعظم خواجه آصف جي خلاف داخل هتڪ عزت جي ڪيس ۾ پنهنجي وڪيل سينيٽر وليد اقبال جي موجودگي ۾ پنهنجي آفيس مان اي ڪورٽ جي ذريعي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن عدالت اسلام آباد جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي، ??زي??اعظم حلفي بيان جمع ڪرايو جنهن ۾ هن الزامن کي ڪوڙو، من گهڙت ۽ توهين آميز قرار ڏنو، بيان حلفي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1991ع کان 2009ع تائين عمران خان شوڪت خانم جو سڀني کان وڏو انفرادي ڊونرر رهيو آهي ۽ واضح ڪيو ته شوڪت خانم ٽرسٽ جي سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان فيصلا سازي ايڪسپرٽ ڪميٽي ڪندي هئي جنهن ۾ ??زي??اعظم عمران خان جي ڪنهن قسم جي ڪا به مداخلت نه هئي، ان کانسواءِ شوڪت خانم، جي جن سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان اهي بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳايا ويا آهن اهي مڪمل طور تي بنا ڪنهن نقصان جي شوڪت خانم ٽرسٽ واپس وصول ڪيا، ??زي??اعظم جي حلفي بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته اهڙن من گهڙت ۽ بي بنياد الزامن جو سهارو وٺي قومي ميڊيا جي ذريعي عوام جي شوڪت خانم ٽرسٽ تي اعتماد کي نقصان پهچا??ڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.