برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني ??حر??ن ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ??رڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششو?? ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات ??وران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات ??و حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني ??حر??ن ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ??رڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششو?? ڪري. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات ??و مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني ??حر??ن طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.