اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تريپوره ۾ انتهاپسند هندوئن پاران مسلمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ۽ دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪئي آهي. جمعي تي پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ڀارتي شهر تريپوره ۾ مسجدن جي بيحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي ??يو آهي ??ه اهي ??ملا گذريل ڪجهه هفتن کان جاري آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو ??سلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي تحفظ ۾ ناڪام رهي ??هي پر مقامي مسلم تنظيمن کي مدد جي فراهمي ۾ به غير ذميدار رهي ??هي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو تو?? جي رڪارڊ 2002ع ۾ گجرات کان وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي تائين مسلمانن جي قتل عام ۽ منظم انساني حقن جي خلاف ورزي?? سان ڀري پئي آهي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آهي، جيڪا انتهائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آهي ??ه آسام ۾ مسلمانن جي انهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن مان ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻي بي دخلي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ??ه هو اسلامو فوبي?? جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف حملن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي حفاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي عبادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.