اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار سڪندر حيات خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڪندر حيات خان آزاد ڪشمير جي سياست ۾ وڏو مقام رکندو هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀ??جي نه سگهبو. قومي اسيم??لي جي اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ سندس خدمتن کي سدا??ين ياد رکيو ويندو. سردار سڪندر حيات خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي.