اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط لکي چيو آهي ته هو ع??رت?? جي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد سڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انساني جانين کي مو??ي مرض جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ع??رت?? ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇاتي جي ڪينسر جا آهن، جلد سڃاڻپ ٿيڻ سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو امڪان 98 سيڪڙو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ڪري ع??رت??ن مرض جي جلد سڃاڻپ ناهن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد سڃاڻپ نه هجڻ سبب ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا 50 سيڪڙو ع??رت??ن زندگي تان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر ع??رت?? کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇاتي جي ڪينسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو سبب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ جي ڪري هڪ لک مان 50 ??زا?? ع??رت??ن فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ۽ سندس ٽيم ڇاتي جي ڪينسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن انهن پروگرام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، ميڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته ميڊيا ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪوششون ع??رت?? ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد سڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندي.