اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر چيو آهي ته ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿان??ون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خي??رپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي س??ول?? فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي صوبي جو 12 ??ون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خي??رپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي س??ول?? فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، ??وابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرائي سگهن ٿا. اسپيڪر چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ جلد وڌيڪ س??ول??ون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿان??ون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم نعمت تي اسان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.