اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آ??ري??ي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ماحول دوست قدم ??سا?? جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ ??سا?? جي انفرادي ۽ اجتماعي ذ??يداري آهي. عوام کي ا??يل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي ا??يل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙ??ي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.