ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويزن 2030ع موجب ملڪ ۾ صحت جي سهولتن جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ نرسنگ جي شعبي کي عالمي معيار سا?? هم آهنگ تعليم ۽ تربيت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نرسن جي لاءِ ??اس??ر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. گورنر هائوس ۾ ي??گ نرسز ايسوسيئيشن (وائي اين اي) سنڌ جي وفد سان ملاقات ۾ صدر نرسنگ جي پيشي جي اهميت کي ??جا??ر ڪندي چيو ته هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۽ ويزن 2030ع جا هدف حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ هي شعبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (پي اين سي) تي زور ڏنو ته نرسن کي معياري تعليم ۽ نرسنگ جي بهترين اصولن تي عملدرآمد جي لاءِ ??اس??ر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.