اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن، اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپار ۾ آسانين سان خطو ترقي ڪندو، اي س?? او ملڪن جي 45 ڪروڙ عوام جي خطي کي گڏجي ٺوس ڪري ڇڏيون ته اهو پاور هائوس بڻجي ويندو، افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ انتشار سان پورو خطو متاثر ٿيندو، اتحادي ف??ج جي نڪرڻ کانپوءِ اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا، اي س?? او ملڪن کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، فلس??ين ۽ والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، انهن ٻنهي خطن ۾ انصاف نه ٿيڻ سان ماڻهن کي سخت ت??ليف کي منهن ڏيڻو پيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ته خطا ۽ پوري دنيا کي خطرو لاحق هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اي س?? او پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.